اسلام آباد: پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ 5 رڪني لارجر بئنچ جي سڀني ميمبرن جو ان ڳالهه تي اتفاق نظر آيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف عدالت  آڏو بيگناهي ثابت نه ڪئي آهي، 2 ججن کيس نااهل ڪيو آهي، جڏهن ته 3 ججن به چيو آهي ته موقعو ملڻ باوجود وزيراعظم ۽ ٻار نالا صاف نه ڪرائي سگهيا، ان ڪري الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته قطري چٺي تي به 5 ئي جج متفق نظر آيا آهن، اختلاف ڪندڙ ججن قرار ڏنو ته قطري چٺي نواز ڪٽنب لاءِ تباهي آهي، جڏهن ته 3 ججن ان بابت به جاچ جو حڪم ڏنو آهي ته چٺي اصلي به آهي يا تصوراتي آهي؟.