اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ پاناما ڪيس جي فيصلي جي شروعات بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا جي اختلافي نوٽ سان ڪئي آهي، آصف سعيد کوسا اختلافي نوٽ جي شروع ۾ مشهور فرانسيسي ناول ”گاڊ فادر“ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته هر وڏي دولت پويان ڏوهه جو هڪ داستان لڪيل هوندو آهي، واضح رهي ته ناول ”گاڊ فادر“ ۾ هڪ مافيا جي ڪهاڻي بيان ڪيل آهي.