اسلام آباد: مستقبل جي 2 چيف جسٽسن صاحبن وزيراعظم ميان نواز شريف کي نااهل قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته وزيراعظم کي قومي اسيمبلي جي سيٽن تان نااهل ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کانپوءِ سينيئر ترين ۽ پاناما ڪيس جي بئنچ جي سربراهي ڪندڙ جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس گلزار احمد قرار ڏنو آهي ته نواز شريف عوام سان سچ نه ڳالهايو ۽ هو امين ۽ صادق نه رهيو آهي، جسٽس آصف سعيد کوسا پنهنجي اختلافي نوٽ جي شروعات ماريو پوزو جي 1969ع ۾ ”مافيا فيملي“ بابت لکيل ناول ”دي گاڊ فادر“ جي جملي سان ڪئي آهي ته ”عظيم ڪاميابي جي پٺيان هڪ ڏوهه هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن پڪڙيو نه ويندو آهي“ جسٽس آصف سعيد کوسا پاڻ طارق شفيع جي بيان حلفي بوگس قرار ڏنو آهي، اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهو چيو ويندو آهي ته دنيا ۾ ڪا اهڙي برائي نه آهي، جنهن جو علاج موجود نه هجي، قطري چٺي بابت بئنچ سربراهه لکيو آهي ته قطري خط عدالت تي بم وانگر ڪيرايو ويو آهي، قطري خط مان اميدون لڳايون ويون هيون ته اهو سڀ الزام ڌوئي ڇڏيندو، پر قطري خط نواز شريف ۽ ان جي ٻارڙن لاءِ وڌيڪ تباهي جو سبب بڻيو آهي، سينيئر ترين جسٽس لکيو آهي ته هاڻوڪي دور ۾ ڪرپشن ڪري لڪائڻ جا طريقا بدلجي ويا آهن، غلط طريقي سان رقمون حاصل ڪري پارڪ ڪيون وينديون آهن، لنڊن فليٽن بابت شريف ڪٽنب جا دعويٰ مبهم آهن، آئون انهن کي رد ڪريان ٿو، وزيراعظم پنهنجي ملڪيتن بابت غلط بياني ڪئي، قوم سان مخلص نه آهي، امين صادق نه رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن ان کي نااهل قرار ڏئي، جسٽس آصف سعيد کوسا اختلافي نوٽ ۾ نيب کي هدايت ڪئي آهي ته وزيراعظم جي ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، وزيراعظم خلاف مني لانڊرنگ الزامن جي حوالي سان ايف آءِ اي پاران ٺاهيل حديبيا پيپر ملز ڪيس ٻيهر کوليا وڃن، وزيراعظم جي ٻين بزنس سيٽ اپس جي به جاچ ڪئي وڃي، ڪارروائي نيب چيئرمين بدران عدالتي آرڊر تي نيب آفيسر ڪن، وزيراعظم جي نااهليءَ کانپوءِ صدر پاڪستان کي گهرجي ته پارلياماني حڪومتي نظام جي خاطري لاءِ جمهوري مرحلو شروع ڪري، نيب نواز شريف جي ٻارڙن جي ملڪيت بابت به جاچ ڪري، نيب کي اهو به حڪم ڏنو ويو آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اسحاق ڊار خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته 1993ع کان 1996ع تائين نواز شريف جي ٻارڙن تڏهن ملڪيتون خريد ڪيون، جڏهن اهي ڪفالت هيٺ هئا پر نواز شريف ملڪيت جي تعلق کان انڪار ڪري رهيو آهي، پر اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ويو، ان ڪري نيب ان بابت جاچ ڪري، وزيراعظم نواز شريف کي نااهل ڪرڻ جا حڪم ڏيندي جسٽس گلزار احمد قرار ڏنو آهي ته سپريم ڪورٽ کي آئين جي آرٽيڪل 184 (3) هيٺ نااهليءَ لاءِ ڊڪليئريشن ڏيڻ جو اختيار آهي، جسٽس گلزار احمد لکيو آهي ته عالي اسٽيل ملز جي اثاثن ۾ واڌارن بابت ڪو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو آهي، ملز جڏهن وڪرو ڪئي وئي هئي ته ان جا 25 سيڪڙو شيئرز 12 ملين درهم ۾ وڪرو ڪيا ويا هئا، 2005ع ۾ العزيزيا اسٽيل ملز وڪرو ڪئي وئي ته ان جي ذمي جيڪو قرص هو اهو ڪيئن ادا ٿيو؟ ان بابت عدالت ۾ ڪي به تفصيل پيش نه ڪيا ويا آهن، اختلافي نوٽ ۾ جسٽس گلزار احمد لکيو آهي ته جڏهن گالف اسٽيل ملز وڪرو ڪئي وئي هئي ته ان وقت نواز شريف جا ٻئي ٻار گهٽ عمر جا هئا، جڏهن حسن ۽ حسين کي فليٽس مليا هئا ته ان وقت اهي شاگرد هئا، قطري چٺين ۾ آف شور ڪمپنين جي ملڪيت الثاني خاندان جي تحويل ۾ هئڻ جي دعويٰ نه ڪئي وئي آهي، 1993ع کان 2006ع تائين آف شور ڪمپنين جي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪنهن به نه ڪئي آهي، پوءِ ان ڳالهه جو مطلب ڇا آهي؟ جسٽس گلزار احمد قرار ڏنو آهي ته پاڪستاني قوم وزيراعظم نواز شريف جو لنڊن فليٽن سان تعلق ڄاڻڻ جو بنيادي حق رکي ٿي، آئيس لينڊ، اسپين ۽ يوڪرائين جي وزيراعظمن پاناما پيپرز ۾ نالا اچڻ تي استعيفائون ڏنيون، برطانوي وزيراعظم ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن وضاحتون پيش ڪيون، پر وزيراعظم نواز شريف ڪا به وضاحت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، نواز شريف عدالت ۾ گهربل دستاويز فراهم نه ڪيا آهن، جسٽس گلزار احمد قرار ڏنو آهي ته نواز شريف جي لنڊن فليٽن جي خريداري بابت تقرير ۾ پيش ڪيل رڪارڊ ۾ تضاد آهي، لنڊن فليٽس خريداري بابت ڪو به بئنڪ جو دستاويز پيش نه ڪيو ويو، جسٽس گلزار احمد قرار ڏنو آهي ته لنڊن فليٽس 1992ع ۾ به شريف خاندان جي ملڪيت هئا، لنڊن جي 4 فليٽن جي 2 آف شور ڪمپنين جا ايجنٽ ڪنهن تبديل ڪيا؟ نواز شريف انهن جي وضاحت پيش نه ڪري سگهيو آهي، نواز شريف لنڊن ملڪيتن کان پنهنجي تقريرن ۾ انڪار نه ڪيو آهي، حسن نواز لنڊن فليٽن بابت سوال تي انٽرويو ۾ ڪو به واضح جواب نه ڏنو آهي، حسن نواز ايترو سادو ته نه آهي جو 6 سال رهڻ کانپوءِ به کيس لنڊن ملڪيتن جي مالڪيءَ بابت خبر نه هجي! جسٽس گلزار احمد حسن نواز جي معصوميت تي سوال ڪيو آهي ته معصوميت جي به ڪا انتها هوندي آهي؟ 43 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ ۾ جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ڇا لنڊن فليٽس نواز شريف غيرقانوني طريقي سان ٺاهيا؟ حسن نواز ان سوال کان انڪار نه ڪيو، نواز شريف ملڪيتن کان انڪار ڪيو آهي ته شرعي طور تي مالڪي مڃي به نه ٿو سگهي، نواز شريف کي لنڊن جي 4 فليٽن بابت قوم کي آگاهه ڪرڻ گهرجي ها، نواز شريف لنڊن فليٽن بابت ٻڌائڻ ۾ ناڪام ويو آهي، وزيراعظم نواز شريف امين ۽ صادق نه رهيو آهي، جسٽس گلزار احمد فيصلي ۾واضح ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ بي ضرر جسم جيان نه ٿي ويهي سگهي، نواز شريف کي صادق ۽ امين نه ٿيڻ تي نااهل قرار ڏنو وڃي، جسٽس آصف سعيد کوسا به قرار ڏنو آهي ته سپريم ڪورٽ 184 (3) هيٺ ڪنهن کي نااهل ڪري سگهي ٿي.