اسلام آباد: حڪمران جماعت نواز ليگ پاناما ليڪس بابت سپريم ڪورٽ جي آيل فيصلي کي وزيراعظم جي فتح قرار ڏيندي 2018ع تائين حڪمراني جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، هنن عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جو وچن ڪندي اڄ ملڪ ۾ شڪراني جو ڏهاڙو ملهائي دعائون گهرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، دانيال عزيز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر سازش ڪندڙن کي ناڪامي نصيب ٿي آهي، وزيراعظم نواز شريف ۽ نواز ليگ اڄ سرخرو ٿي، قوم سامهون بيٺل آهن، هنن چيو ته اڄ جمع تي نواز ليگ جا ڪارڪن، حامي ۽ ووٽر شڪراني جا نفل ادا ڪندا، ان موقعي تي پاڪستان جي ڪاميابي ۽ وزيراعظم جي ڪامراني لاءِ خصوصي دعائون گهريون وينديون، هن چيو ته 2013ع جي عام چونڊن جي نتيجن کي عمران خان هڪ لمحي لاءِ به تسليم نه ڪيو، عمران خان خوابن ۾ پاڻ پاڪستان جو وزيراعظم ٿي چڪو هو، يا وري سماجي ويب سائيٽ تي يلغار ڪري سمجهي رهيو هو ته وزيراعظم ٿي ويندس، هن حڪومت خلاف ڌرڻا به هنيا ۽ ايمپائر جي آڱر مٿي ٿيڻ جو انتظار به ڪندو رهيو، هن چيو ته پاناما بابت واضح ڪرڻ گهرون ٿا ته پاناما پيپرز جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، اهي چوري جا ڪاغذ آهن، جن ملڪن جا نالا آيا ڪٿي، جوڊيشل ڪميشن نه ٺهي ۽ نه ئي عدالتي جاچ ٿي آهي، اسان وٽ وزيراعظم سپريم ڪورٽ کان استثنيٰ نه گهري، توڪل ۽ صبر جو مظاهرو ڪندي پاڻ ۽ پنهنجي خاندان کي احتساب لاءِ پيش ڪيو، هن چيو ته ڪيس جي ٻڌڻين دوران عمران خان، سراج الحق ۽ شيخ رشيد شاهراهه دستور تي پنهنجي عدالت لڳائي، جن سان نام نهاد اينڪر ۽ ميڊيا جا ڪجهه ادارا ملي ويا، جن جي پنهنجي ملڪيت بابت ڪو نٿو ٻڌائي سگهي ته ايترو مال ڪٿان آيو؟ شام جو ٽي وي تي الڳ عدالت لڳائي وئي، جتي ججن جي رمارڪس کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويندو رهيو، اهڙي عمل ذريعي عدالت تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هن چيو ته پاناما ڪيس ۾ عمران خان عدالت ۾ وزيراعظم کي نااهل ڪرڻ جي جيڪا درخواست ڪئي هئي، اها اڄ رد ڪئي وئي، عمران خان سپريم ڪورٽ کان نواز شريف ۽ سندس فيملي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي، اها به رد ڪئي وئي آهي، نيب کي هاءِ پروفائل ڪيسن جي جاچ جي هدايت ڪرڻ جي درخواست به رد ٿي وئي، مني لانڊرنگ واري الزام بابت ڪو ثبوت نه ڏنو ويو، اها درخواست به رد ٿي وئي، عمران خان عدالت کي 7 درخواستون ڪيون، عدالت اهي سڀ جون سڀ پنهنجي فيصلي ۾ رد ڪري ڇڏيون،  يعني عمران خان رد ٿي ويو، هن چيو ته مون کي گذارش ڪرڻي آهي ته عدالت جي فيصلي تي روح موجب عمل ڪرڻ جو وقت آهي، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اهو اسان جي موقف سان ملي ٿو، وزيراعظم لکت ۾ درخواست ڪئي هئي ته جي آءِ ٽي جاچ ڪري، هن چيو ته وزيراعظم جو جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ بي عزتي جي ڳالهه ناهي، هي انا جو مسئلو ناهي، دنيا جي مهذب ملڪن ۾ حڪمران ادارن سامهون پيش ٿيندا آهن، هن چيو ته هاڻ وري چيو وڃي ٿو ته اهو عجيب هوندو ته وزيراعظم گريڊ 18 ۽ 19 جي آفيسر اڳيان پيش ٿيندو، آئون کانئن پڇان ته ڇا گريڊ 18 ۽ 19هين جي آفيسرن جي عزت نه هوندي آهي؟ هن چيو ته عدالتي حڪم کي تسليم ڪرڻ عزت واري ڳالهه آهي، عدالتي فيصلي تي عمل مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته آصف زرداري عدالتي فيصلي خلاف بيان ڏئي توهين عدالت ڪئي آهي، سندس کاتو (اڪائونٽ) ايترو وڏو آهي جو کليو ته بند نه ٿيندو، هن چيو ته پ پ وارن سنڌ جي شهرن کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ به پ پ وارن ملڪ کي ٽوڙيو هو،  هوڏانهن وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته جن عدالت ذريعي چونڊيل وزيراعظم ۽ جمهوري حڪومت تي راتاهو هڻڻ پئي چاهيو، انهن کي ناڪامي نصيب ٿي آهي،  خواجا آصف چيو ته سپريم ڪورٽ جو اڪثريتي راءِ سان   فيصلو نواز شريف جي موقف جي فتح آهي، ميان نواز شريف شروع ۾ الزامن جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جو خط لکيو هو، هن چيو ته ميان نواز شريف جي قيادت ۾ 2018ع تائين حڪومت ڪم جاري رکندي، عابد شير علي چيو ته اڄ شيخ رشيد سميت ٻين الزام هڻندڙن جي غائبانه جنازي نماز پڙهي ويندي.