اسلام آباد: وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيندڙ ٻئي جج صاحبان مستقبل ۾ سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس ٿيندا، جسٽس آصف سعيد کوسا هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ سينيئر ترين جج آهي، 18 جنوري 2018ع تي چيف جسٽس ٿيندو ۽ 21 ڊسمبر 2019ع تي رٽائرڊ ٿيندو، جڏهن ته جسٽس گلزار احمد 22 ڊسمبر 2019ع تي چيف جسٽس ٿيندو ۽ 2 فيبروري 2022ع تائين عهدي تي رهندو.