لاهور (بيورو رپورٽ) وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز فيصلي بعد ٽوئيٽر تي پروفائيل تصوير تبديل ڪري ”قدم بڙهائو نواز شريف هم تمهاري ساٿ هين“ لکيو، هن ٽوئيٽر تي لکيو ته عوام جي حمايت هڪ ليڊر لاءِ قيمتي اثاثو آهي، نواز شريف جي غير معمولي حمايت ڏسي خوش آهيان، هن چيو ته عوامي مينڊيٽ تي راتاهو هڻڻ جي سازش ناڪام ٿي وئي، مريم نواز اهو به چيو ته مبارڪ نواز شريف مبارڪ، جاچ جو عدالتي حڪم درخواستگذارن جي شڪست آهي.