اسلام آباد:پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻين دوران 3 ڌرين کي پنهنجا وڪيل به تبديل ڪرڻا پيا، جڏهن ته شيخ رشيد ڪيس پاڻ وڙهيو، ڪيس جي شروع ۾ وزيراعظم نواز شريف پاران اڳوڻي اٽارني جنرل سلمان بٽ کي وڪيل مقرر ڪيو ويو، جڏهن هن عدالت ۾ موقف رکيو ته ڪاروبار بابت پارليامينٽ ۾ وزيراعظم جو ڏنل بيان سياسي هو ته کيس تبديل ڪري مخدوم علي خان کي ڪيس ڏنو ويو، حسن ۽ حسين نواز پاران اڪرم شيخ وڪالت ڪئي، هن پهرين قطري چٺي عدالت آڏو پيش ڪئي هئي، بعد ۾ جڏهن جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ بئنچ ڪيس شروع ڪئي ته وڪيل تبديل ڪري سلمان اڪرم راجا کي مقرر ڪيو ويو، پاڪستان تحريڪ انصاف جو پهريون وڪيل حامد خان هو، عدالت آڏو جڏهن هن اهو چيو ته الزام ثابت ڪرڻ لاءِ وٽس ثبوت ناهن ته ميڊيا ۾ مٿس گهڻي تنقيد ڪئي وئي، ان بعد هن وڪالت کان معذوري ظاهر ڪئي، جنهن بعد نعيم بخاري کي وڪالت جي ذميواري ملي، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد پاڻ ئي ذاتي طور تي دليل ڏنا، جڏهن ته جماعت اسلامي پاران ايڊووڪيٽ توفيق آصف عدالت آڏو پيش ٿيو هو، ايڊووڪيٽ شاهد حامد مريم ۽ ڪئپٽن صفدر جي وڪالت ڪئي.