اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته جي آءِ ٽي ٺاهڻ نواز شريف کي راهه فرار ڏيڻ برابر آهي، اسلام آباد ۾ آصف زرداري سان پريس ڪانفرنس دوران اعتزاز چيو ته ٻن سينيئر ججن نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو آهي، باقي 3 ججن ان راءِ جي ترديد ناهي ڪئي، ٻن سينيئر ججن جي راءِ سپريم ڪورٽ جي راءِ سمجهي سگهجي ٿي، اڪثريتي فيصلي مان نظريا ضرورت جي بوءِ اچي ٿي، هن چيو ته وڪيلن ۽ عوام جنهن آزاد عدليا لاءِ تحريڪ هلائي هئي، اهو خواب شرمنده تابير نه ٿي سگهيو آهي، سپريم ڪورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر شريف ڀائرن سان نرم رويو رکيو آهي، ماضي ۾ به عدالت شريف ڀائرن کي اهڙي طرح نوازيندي رهي آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر علي احمد ڪرد جو چوڻ هو ته هن فيصلي سان نظريا ضرورت کي ٻيهر زندهه ڪيو ويو آهي، فيصلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مصليحت کان ڪم ورتو ويو آهي.