اسلام آباد  (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف پاناما ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي پنهنجي پهرين رد عمل ۾ الله جو شڪر ادا ڪيو آهي، وزيراعظم نواز شريف پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، مريم نواز ۽ پرويز رشيد سان گڏجي ميڊيا تي عدالتي فيصلو ٻڌو ۽ الله جو شڪر ادا ڪيو، ذريعن موجب وزيراعظم سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجي رد عمل ۾ فيصلي تي دل سان عمل جو اظهار ڪيو، وزيراعظم چيو ته پاڻ کي عدالت جي رحم ڪرم تي رکيو، الله تعاليٰ سرخرو ڪيو آهي.