اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جسٽس ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف هاڻي جي آءِ ٽي سامهون جوابدار طور پيش ٿيندو، جي آءِ ٽي سامهون اجمل پهاڙي ۽ عذير بلوچ جهڙا ماڻهو پيش ٿيندا آهن، خانگي چئنل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عدالتي فيصلي ۾ اها اهم ڳالهه آهي ته هر جج پنهنجو الڳ الڳ نوٽ هنيو آهي، عدالتي فيصلي ۾ حسين نواز جي انٽرويو کي تڪراري قرار ڏنو ويو آهي، مامرو جي آءِ ٽي ۾ اماڻن جو مقصد جامع جاچ ڪرائڻ آهي، هن چيو ته فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف سيڙپڪاري جو ذڪر ئي ناهي ڪيو، سپريم ڪورٽ قطري خط جي مذمت ڪئي آهي، هن چيو ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته جي آءِ ٽي پنهنجو ڪم آزاد نموني ڪري سگهندي.