پشاور (بيورو رپورٽ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفنديار ولي پاناما ليڪس جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته تاريخي فيصلي سان ملڪ ۾ حڪمران طبقي جي احتساب جو مشن اڳتي وڌيو آهي، اڄ جو فيصلو موجوده ناڪام احتسابي نظام تي مهر تصديق ڪري ٿو، جيڪو هڪ بنا جواز احتساب بدران حڪومرن پاران سياسي مخالوفن ۽ اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي يقين آهي ته ڪرپشن ۽ بدعنواني جي حوالي سان آخري فيصلو عوام جي عدالت ۾ ئي ممڪن آهي، جيڪو ايندڙ چونڊن ۾ انهن عنصرن سان نبرندو.