اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم نواز شريف ايڪسپورٽرن لاءِ 180 ارب رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ميڊيا جي آزادي تي يقين رکون ٿا، عوام هاڻي مايوسي ڦهلائيندڙ چئنل نه ڏسي رهيا آهن، ميڊيا اهڙو ماحول پيدا نه ڪري، جنهن سان مايوسي ڦهلجي، جيڪي چئنل مثبت پاڪستان ڏيکارين پيا، اهي عوام ۾ مقبول آهن، ماضي جي حڪومتن ڪجهه نه ڪيو، انهن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، هاڻي ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي، ڪالهه وزيراعظم نواز شريف سان ملڪ جي وڏن ايڪسپورٽرن جي ملاقات ٿي، جنهن دوران ايڪسپورٽرن وزيراعظم کي ايڪسپورٽ صنعت کي درپيش مسئلن بابت بريفنگ ڏني، جنهن بعد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ اندر توانائي بحران، امن امان جي قيام ۽ معيشت جي بحالي جهڙن وڏن مسئلن تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي، هاڻي ملڪ جون حالتون بهتر آهن،  2013ع کان اڳ ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ، دهشتگردي، معاشي عدم استحڪام ۽ بي روزگاري جهڙا وڏا مسئلا هئا، ملڪ جي  مستقبل بابت قياس آرايون ڪيون پئي ويون، اهي معمولي مسئلا نه هئا، ان حوالي سان اڳوڻين حڪومتن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته انهن مسئلن تي ڌيان ڇو نه ڏنو؟ اسان هاڻي توانائي جي کوٽ واري مسئلي تي ضابطو آڻي ڇڏيو، ملڪي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، هن چيو ته ڪجهه ٽي وي چئنل بنا جواز تنقيد ڪن پيا، اسان ميڊيا جي تعميري تنقيد جي آجيان ڪريون ٿا پر اهڙو ماحول پيدا نه ڪيو وڃي، جنهن سان ملڪ ۾ مايوسي ڦهلجي، حڪومتي پاليسين تي تنقيد اصلاح جي روشني ۾ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي لوڊشيڊنگ اڄ تمام گهٽ ٿي چڪي آهي، جيڪا 2018ع ۾ ختم ٿي ويندي، اسان جو مقصد رڳو بجلي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ نه آهي پر بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ به اسان جو مقصد آهي، نواز شريف چيو ته بلوچستان مڪمل طور تبديل ٿي رهيو آهي، پوري ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جو ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اسان جي ملڪ کي ڪجهه نظر لڳي، ڪجهه گذريل حڪومتن ترقي بدران مسئلا پيدا ڪيا پر هاڻي پاڪستان اڳتي وڌي رهيو آهي، هن چيو ته ميڊيا جي مفادن خلاف ڪڏهن نه سوچيو آهي، اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکان ٿو