اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سينيٽ ۾ بيان ڏيندي اعتراف ڪندي چيو آهي ته 2002ع کان 2008ع تائين ماڻهن کي لاپتا ڪرڻ جي ادارن جي پاليسي هئي، اڳوڻين حڪومتن ۾ ان حوالي سان پاليسي حڪومت نه پر ڪنهن ٻئي هنڌ ٺهندي هئي پر هن حڪومت جي دور ۾ پاليسي حڪومت ٺاهي ٿي، ڪالهه سينيٽ جي اجلاس ۾ اسلام آباد مان گم ٿيل پروفيسر سميت چئن ڄڻن جي اغوا واري مامري تي ايوان کي بريفنگ ڏيندي توهان کي ڪجهه معلومات درست نه ملي آهي، لاپتا 4 ماڻهن مان هڪ جو تعلق اسلام آباد ۽ 3 جو تعلق پنجاب سان آهي، اها تصديق نه ٿي آهي ته پروفيسر کي روڪيندڙ سندس ڄاڻ سڃاڻ وارا هئا يا نه، ڪلاڪ بعد سندس گهر پروفيسر جي نمبر تان فون ڪيو ويو ۽ گاڏي ڪاهي وڃڻ جو چيو ويو، مون انٽليجنس ايجنسين جي سينيئر آفيسرن سان ڳالهايو آهي، ايوان کي يقين ڏياريو ٿو ته ان ڏوهه پويان جيڪي به آهن، انهن جو پيڇو ڪنداسين، ماڻهن کي لاپتا ڪرڻ جي حڪومت جي پاليسي نه آهي ۽ نه ئي ان کي برداشت ڪنداسين، اڳوڻن دورن ۾ 2002ع کان 2008ع تائين ائين ٿيندو هو، ان وقت پاليسي ڪٿي ٻئي هنڌ ٺهندي هئي، هن وقت پاليسي حڪومت ۽ پارليامينٽ ٺاهي ٿي، هن چيو ته سنڌ حڪومت سان منهنجا سٺا تعلقات رهيا آهن، ڪراچي آپريشن بابت مون قائم علي شاهه کي چيو هو ته مان ان جو ڪڏهن ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش نه ڪندس شايد قائم علي شاهه کي ڪپتان بڻائڻ منهنجي غلطي هئي.