ڪراچي (رپورٽ: وحيد راڄپر) توهين عدالت جي ڪارروائي کان بچڻ لاءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري طرفان پنهنجا اختيار استعمال ڪندي صوبي جي صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن کي ڏنل قلمدان ۽ ايگزيڪيوٽو اختيارن وارو جاري ٿيل آرڊر ڪالعدم قرار ڏيڻ کانسواءِ ئي سمورن انتظامي کاتن جي سيڪريٽرين کي صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن بابت عدالتي حڪم تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ لاءِ لکت ۾ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ واري حڪم بعد ڪامورا لاڳاپيل صلاحڪارن جا حڪم مڃڻ، سمري ۽ نوٽ موڪلڻ واري پابندي کان آزاد ٿي ويا آهن. اهڙي قسم جو خط سنڌ جي چيف سيڪريٽري طرفان توهين عدالت جا نوٽيس نڪرڻ بعد جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويندو. ذميوار ذريعن کان ”ڪاوش“ کي مليل رپورٽ موجب وڏي وزير جي صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي چيف سيڪريٽري خلاف نڪتل توهين عدالت جي نوٽيسن جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي ۽ توهين عدالت جي ڪارروائي کان بچڻ لاءِ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ طرفان ان حوالي سان جواب تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڄ عدالت کي اها به آگاهي ڏني ويندي ته صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن بابت عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ سمورن انتظامي کاتن جي سيڪريٽرين کي لکت ۾ حڪم ڏنا ويا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان صوبي جي صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن کان ايگزيڪيوٽو اختيار واپس وٺڻ وارو فيصلو ڏيڻ کانپوءِ ان تي عملدرآمد جو به حڪم ڏنو هو پر ان تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ هڪ سمري وزيراعليٰ هائوس ڏانهن اماڻي وئي هئي جيڪا ڪيترو ئي عرصو گذري وڃڻ جي باوجود به اڃا تائين منظور نٿي سگهي آهي ۽ عدالت طرفان چيف سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ واري نوٽيس نڪرڻ بعد ٿرٿلو مچي ويو هو، جڏهن ته توهين عدالت جي ڪارروائي کان بچڻ لاءِ ڪالهه سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ طرفان صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن بابت عدالتي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ لاءِ لکت ۾ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو آرڊر جاري ٿيڻ بعد هاڻي سمورن کاتن جي ڪامورن کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو ويو آهي ته اهي صوبائي صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن ڏانهن ڪا به سمري ۽ نوٽ نه موڪلي سگهندا ۽ نه ئي ڪو آرڊر مڃيندا. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلي ۽ آرڊر تي ان صورت ۾ عملدرآمد ٿي سگهي ٿو، جڏهن پهريان جاري ٿيل آرڊر ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، جنهن ۾ صوبائي صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن کي ايگزيڪيوٽو اختيار حاصل آهن، نه ته لاڳاپيل صلاحڪار ڪجهه عرصي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي قسم جا اختيار استعمال ڪندا رهندا.