ڪراچي (ڪي ٽي اين نيوز) برک صحافي ۽ سينيئر تجزئي نگار علي قاضي چيو آهي ته پاناما ڪيس هلي پيو ان تي رمارڪس به اچن پيا، پاڪستان 70 سالن جي تاريخ ۾ اهي قصا ڪيترائي دفعا ڏٺا آهن، ذوالفقار علي ڀٽو جو جيڪو ڪيس هلي رهيو هو، ڇا ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ڪهڙو فيصلو اچڻو آهي؟ پرويز مشرف جڏهن مارشلا هنئي ۽ ڪيس عدالت ۾ هليو پئي ته ڇا ڪنهن کي خبر نه هئي ته ڇا فيصلو ايندو؟ ڪڏهن ڪڏهن تاريخ ۾ اهڙو فيصلو ايندو آهي، جيڪو حيران ڪندو آهي، باقي گهڻي ڀاڱي خبر هجي ٿي ڇا فيصلو ايندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن اوپينين وٿ علي قاضي ۾ ڪيو، علي قاضي وڌيڪ چيو ته جج صاحبان جي اها ڳالهه به ٺيڪ آهي ته مفروضن تي فيصلا نٿا اچي سگهن پر ڪرپشن هن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هي به ته هڪ مفروضو آهي، اڄ تائين ڪهڙي وزيراعظم، وزير يا بيورو ڪريٽ کي ڪرپشن تي ڪا سزا آئي آهي؟ ڪو هڪ اڌ ڦاسي به ٿو ته چيو وڃي ٿو سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪا شيءِ ثابت نه ٿي سگهي، اها مفروضو سڏبي، چيو وڃي ٿو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي اسٽيبلشمينٽ هلائي ٿي پر اهو ثابت ته نٿو ٿي سگهي، ان جو مقصد ته مفروضو آهي، ملڪ ۾ ڪرپشن سڀني کي نظر اچي ٿي پر ثابت ته نٿي ٿي سگهي، ان جو مطلب اهو ئي ٿيو ته مفروضو آهي، پروگرام ۾ سوال جو جواب ڏيندي علي قاضي چيو ته ننڍي هوندي کان اهو ئي سمجهايو ويو آهي ته ”اڙن کٽولا آئيگا، لال پري ڪو لائيگا“، اسين به ڄڻ ته اڙن کٽولي ۾ ڪنهن مسيحا جو انتظار ڪيون پيا ۽ اهو ايندو خوشحالي اچي ويندي، دنيا ۾ ته ائين ڪڏهن به  نه ٿيو آهي، اسان مذهبي اڳواڻن جي ڳالهه ڪريون يا وري سياست جي ڳالهه ڪريون، لکين ماڻهن جڏهن عملي قدم کنيو آهي پوءِ سڀ شيون بهتر ٿيون، باقي هڪڙي ماڻهو کان بهتري آڻڻ وارو بار وزني هجي ٿو، عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري جي بيان بابت سوال جو جواب ڏيندي علي قاضي چيو ته ڌانڌلي واري معاملي تي جيڪا ڪميشن قائم ٿي هئي، ان ۾ مرحوم حفيظ پيرزادو وڪيل هو، اهو ڪيس به تحريڪ انصاف هارائي وئي هئي، نعيم بخاري هڪ ٽيڪنيڪل ڳالهه ڪري پيو،  وڪيل ڪيس ناهي هارائيندو ڇو ته ان کي فيس ملي ويندي آهي، ڪيس ته ڌر هارائيندي آهي، نعيم بخاري جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته شايد هن کي هن ڪيس ۾ ڪو چاڙهو نظر نٿو اچي، ضرب  عضب آپريشن يا ڪراچي آپريشن سان امن قائم ضرور ٿيو آهي، دهشتگرد کي پڪڙيو وڃي ٿو ته معاملو عدالتن ۾ اچي ٿو، 2 سال پهرين چيو ويو ته فوجي عدالتون ٺاهيون وڃن ته جيئن جج خوف کانسواءِ فيصلا ڪري سگهن، انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ هو ته فوجي عدالتن ۾ فيئر ٽرائيل نه ٿيندو پر ڳالهه اها آهي ته ملڪ ۾ غيرمعمولي صورتحال آهي يا ته جوڊيشري کي مضبوط ڪرڻو پوندو، منهنجو حڪومت کان اهو ئي سوال هوندو ته 2 سال پهرين جيڪي فوجي عدالتون ٺاهيون ويون ته ان جو مدو 2 سال ڇو رکيو ويو؟ شايد نواز حڪومت کي پڪ هئي ته ٻن سالن ۾ دهشتگردن کي ختم ڪري ڇڏينداسين، ٻي شايد اها سوچ هجي ته ٻن سالن ۾ سول جوڊيشري سسٽم کي مضبوط ڪري ڇڏينداسين، حڪومت ٻڌائي ته ان ڏس ۾ هن ڇا ڪيو آهي؟ هڪ سوال جو جواب ڏيندي علي قاضي چيو ته جيڪي به اميدوار هجن ٿا، اهي اسان جهڙا ماڻهو هجن ٿا، اميدوار جيڪو ٿيندو آهي، اهو ووٽ جي اميد تي ئي ايندو آهي، جيئن 88 واري اليڪشن ۾ ٿيو، ماڻهن شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي ووٽ ڏنو، اهي روايتي اميدوار هئا ڇا؟ خورشيد شاهه، منظور وساڻ، نثار کهڙو ۽ اسماعيل اڍيجو مرحوم 1988ع کان اڳ ڪڏهن اليڪشن ۾ حصو ورتو هو ڇا؟ ماڻهو جيڪڏهن ووٽ ڏين ته ٿنڀي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري سگهن ٿا، روايتي اميدوار انهي ڪري اچن ٿا جو ماڻهو پنهنجو اميدوار نٿا بيهارين.