ڪراچي (بيورو رپورٽ) لياري ۾ ڪالهه ڪچري کي لڳل باهه 3 معصوم ٻارڙن جون حياتيون کسي ورتيون، لياري جي نيا آباد واري علائقي ۾ کڏا مارڪيٽ وٽ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات گند جي ڍير کي باهه لڳي وئي، اِهو گند جو ڍير هڪ رهائشي عمارت جي ويجهو پيل هو ۽ ڪچري کي لڳل اُها باهه فليٽن تائين وڌي وئي ۽ هڪ فليٽ جنهن ۾ فيملي رهيل هئي اُنهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، گند جي ڪچري کي لڳل باهه جي دونهي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 3 ڀاءُ ڀيڻ عبدالعزيز، آمنه ۽ سندن ڀيڻ فوت ٿي ويا، جڏهن ته هنن جو والد ۽ والده بيهوش آهن، جن کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، گند جي ڪچري جي ڍير مان رهائشي عمارت کي لڳل باهه ۽ اُن جي دونهي ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد سڄي علائقي ۾ ڪهرام مچي ويو، ماڻهن جو وڏو تعداد موقعي تي پهتل هو ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول هو، پوليس جو چوڻ آهي ته والد ۽ والده جي بيهوش هجڻ سبب سندن ٽئين فوتي ٻار جو نالو پڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته فائر برگيڊ باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي.