اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان 94 مدرسن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ وارو سنڌ حڪومت جو مطالبو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڪالهه سينيٽ ۾ تقرير بعد صحافين جي گروپ سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته سنڌ حڪومت خط لکي 94 مدرسن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي، اهي مدرسا رڳو سکر ۽ ڪراچي ۾ ئي نه پر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ به آهن، اهڙي مطالبي پويان ثبوت نه ڏنا ويا آهن، سنڌ حڪومت وٽ ثبوت آهن ته ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪري، مدرسن خلاف ڪارروائي ڪرڻ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي، اسان صوبن ۾ فوج نه ٿا موڪلي سگهون، جيستائين صوبو فوج جي گهر نه ٿو ڪري، هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) راحيل شريف جي اسلامي ملڪن جي اتحاد جي سربراهه ٿيڻ بابت حڪومتي بيان اڄ سامهون ايندو، هن چيو ته ڪجهه سياستدان فوج ۽ سول قيادت ۾ اختلاف چاهين ٿا