ڪراچي (بيورو رپورٽ) جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت شاهدي لاءِ پيش نه ٿيڻ تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جا وارنٽ جاري ڪندي کيس 17 جنوري تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه وسيم اڪرم پاران ڪراچي جي بهادر آباد ٿاڻي تي ميجر (ر) عامر ۽ سندس محافظ ۽ ڊرائيور خلاف داخل ڪرايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو.