اسلام آباد: پاناما ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ پي ٽي آءِ جي وڪيل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس وڪيل نه پر اصيل هارائيندو آهي، ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائڻ وقت ان وقت ٽهڪڙو پئجي ويو جڏهن هڪ صحافي عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري کان سوال پڇيو ته وڪيل ڪيئن ڪيس هارائيندو آهي، جنهن  جي جواب ۾ هن چيو ته وڪيل به ڪڏهن ڪيس هارائيندو آهي؟ ڪيس وڪيل نه پر اصيل هارائيندو آهي، هڪ صحافي کانئس سوال پڇيو ته توهان اڄ تنگ نظر اچي رهيا آهيو، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته مان تنگ نه پر ٿڪل آهيان