اسلام آباد (رپورٽ: قربان بلوچ) وفاقي حڪومت اتحادي توڙي مخالف سياسي جماعتن آڏو فوجي ڪورٽن جي مدي ۾ وڌيڪ 2 سال توسيع جي تجويز رکي ڇڏي، اتحادي ٻن جماعتن پاران اعتراض، مخالف ڌر 6 سوالن تي وضاحتون گھري ورتيون، اجلاس ٻيھر 17 جنوري تي منعقد ڪرڻ تي اتفاق، پيرائتي خبر مطابق فوجي ڪورٽن جي مدي ۾ واڌ، قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد، نيب قانون ۾ ترميم توڙي قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪرڻ جھڙن اھم مک مامرن تي مشاورت لاءِ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جو اھم اجلاس ڪالھ اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاھد حامد سان گڏ حڪومتي اتحادي محمود خان اچڪزئي، جي يو آءِ جي وفاقي وزير اڪرم خان دراني کانسواءِ مخالف ڌر مان اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاھ پ پ جي پارلياماني ليڊر سيد نويد قمر، اي اين پي جي حاجي غلام محمود بلور، آفتاب شيرپائو، جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله، تحريڪ انصاف جي شاھ محمود قريشي ۽ ڊاڪٽر شيرين مزاري شرڪت ڪئي آھي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي نمائندن تجويز رکي ته 21ھين آئيني ترميم تحت ٻن سالن لاءِ قائم ڪيل فوجي ڪورٽن جو مدو 7 جنوري تي ختم ٿي ويو آھي، حڪومت جي راءِ آھي ته فوجي ڪورٽن جي مدي ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي توسيع ڪئي وڃي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ حڪومتي اتحادي جي يو آءِ ف جي نمائندگي ڪندڙ وفاقي وزير اڪرم خان دراني توڙي محمود خان اچڪزئي حڪومت جي تجويز تي اھو چئي اعتراض ڪيو ته عدالتي نظام ۾ سڌارن بدران ڪيستائين فوجي ڪورٽن تي دارومدار رکيو ويندو، جڏھن ته مخالف ڌر ان حوالي سان حڪومت آڏو نيپ تي عملدرآمد، دھشتگردي ٽوڙ عدالتن کي اثرائتو بڻائڻ، عدالتي نظام ۾ سڌارن تي عمل توڙي قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي جي قيام جي حوالي سان 6 اھم سوال رکي ان جو جواب ڏيڻ ۽ مستقبل جي حوالي سان حڪمت عملي واضح رکڻ جو مطالبو ڪيو آھي، جنھن بعد ان حوالي سان اجلاس ٻيھر 17 جنوري تي ٻيھر منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، جنھن دوران مخالف جماعتون حڪومت پاران فوجي ڪورٽن جي مدي ۾ توسيع جي حوالي سان تجويزون پارٽي قيادت آڏو رکنديون جتان فيصلي جي روشني ۾ ايندڙ اجلاس ۾ پنھنجو موقف پيش ڪنديون، ڪالھ منعقد ٿيل اجلاس جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جو موقف ھو ته اجلاس ۾ فوجي ڪورٽن ۽ ٻين اھم مامرن تي بحث ضرور ٿيو آھي، جنھن حوالي سان ٻيھر پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس 14 جنوري تي ٿيندو، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته حڪومتي نمائندن سان ابتدائي اجلاس ھو جنھن ۾ آپريشن ضرب عضب، قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي، فوجي ڪورٽن ۽ ٻين اھم مامرن تي ڳالھ ٿي آھي، ھن ٻڌايو ته سموريون جماعتون اجلاس ۾ ايندڙ صورتحال پارٽي قيادت آڏو رکنديون، جنھن بعد ساڳئي قسم جو ايندڙ اجلاس 17 جنوري تي ٿيندو، ھن ٻڌايو ته حڪومت کان مخالف ڌر پاران قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد، دھشگردي ٽوڙ ڪورٽن جي ڪارڪردگي، انصاف واري نظام ۾ سڌارن، قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي جي قيام جي حوالي سان پڇاڻو ڪيو آھي، جنھن بابت حڪومت ايندڙ اجلاس ۾ 17 جنوري تي جواب ڏيندي، اجلاس جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالھائيندي تحريڪ انصاف جي شاھ محمود قريشي ٻڌايو ته حڪومت اعتراف ڪيو آھي ته اھا عدالتي نظام ۾ سڌارا آڻي ناھي سگھي، ان ڪري دھشتگردي خلاف ڪيسن جي اڪلاءُ لاءِ فوجي ڪورٽن کي وڌيڪ مدي تائين توسيع ڏني وڃي، ھن دعويٰ ڪئي آھي ته اجلاس جي حوالي سان دلچسپ ڳالھ اھا آھي ته حڪومتي اتحادي جي يو آءِ (ف) توڙي محمود خان اچڪزئي جي جماعت حڪومتي موقف سان قائل نه آھن، ھن چيو ته 21ھين آئيني ترميم ۾ حڪومت مشروط طور 2 سال فوجي ڪورٽن جي قيام جي اجازت ڏني وئي ھئي، ان عرصي ۾ حڪومت کي نظام عدل ۾ سڌارا آڻڻا ھئا ۽ اھو به طئي ڪيو ويو ھو ته فوجي ڪورٽن کي مقرر مدي بعد وڌيڪ توسيع نه ملندي پر حڪومت ٻن سالن دوران عدالتي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان ڪجھ ناھي ڪيو ۽ حڪومت ھڪ به سڌارو آڻڻ ۾ ناڪام رھي آھي، ھن ٻڌايو ته عدالتي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان قانون واري وزير جو موقف ھو ته ان حوالي سان بل تياري جي مرحلي ۾ آھي، شاھ محمود قريشي ٻڌايو ته اجلاس ۾ مخالف ڌر واضح ڪيو ته حڪومت قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪري نه سگھي، باقي آپريشن ضرب عضب ڪامياب آپريشن ھو، جنھن جي نتيجي ۾ دھشتگردي ۾ ڪمي آئي آھي پر حڪومت ڪيستائين فوجي ڪورٽن جي سھاري ھلندي.ھن چيو ته اسان ان حوالي سان حڪومتي دليلن مان قائل ناھيون، حڪومت پاڻ منجھيل آھي، اسان صورتحال پارٽي ۾ مشاورت لاءِ رکنداسين، جيڪڏھن قائل ٿياسين ته حڪومت کي چونداسين ته مستقبل جي حوالي سان بلو پرنٽ قوم آڏو رکو، شاھ محمود قريشي چيو ته اسان حڪومت کان پڇيو ته اوھان چيو ته ٻن سالن دوران دھشتگردي ڪيسن جي اثرائتي نموني اڪلاءُ لاءِ ججن، پراسيڪيوٽرن ۽ شاھدن کي تحفظ فراھم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، ان حوالي سان ڇا ڪيو آھي.ھن ٻڌايو ته اسان اھا به پڇا ڪئي ته ھاءِ سيڪيورٽي جيلن جي قيام بابت ڇا ڪيو ويو، ھن ٻڌايو ته اسان حڪومت آڏو مستقبل جي حڪمت عملي جي حوالي سان 6 سوال رکيا آھن، جنھن ۾ فوجي ڪورٽن جي ٻن سالن دوران ڪارڪردگي، ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال ڇا رھي، قومي سلامتي پارلياماني ڪاميٽي جي قيام جو واعدو ڪيو ويو ھو، ان تي عمل ڇو نه ڪيو؟ ھن قائل ٿيڻ جي صورت ۾ ان حوالي سان وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پارٽي جي شرڪت ڪرڻ بابت سوال تي چيو ته اسان قومي مفاد ۾ ماضي ۾ به قدم کنيا آھن، ھاڻي به کڻنداسين.ھن ٻڌايو ته حڪومت فوجي ڪورٽن جي مدي ۾ ٻن سالن جي توسيع گھري آھي پر حڪومت ۽ اتحادين جي سوچ ۾ استحڪام نظر نٿي اچي.