اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس آصف سعيد کوسا آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي حوالي سان پنهنجا لفظ واپس وٺي ڇڏيا، خانگي ٽي وي چئنل موجب سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته 5 رڪني بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته منهنجو خيال آهي ته مون کي آرٽيڪل 62 ۽ 63 بابت رمارڪس نه ڏيڻ گهرجن ها، مون کي پنهنجي لفظن تي ملامت آهي، ان ڪري مان ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ ڳالهايل پنهنجا لفظ واپس ٿو وٺان، ياد رهي ته جسٽس آصف سعيد کوسا چيو هو ته جيڪڏهن آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي عمل ڪيو ويو ته پوءِ پارليامينٽ ئي خالي ٿي ويندي