اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي اڳواڻن پاناما ڪيس جي عدالتي فيصلي کان اڳ ئي وزيراعظم نواز شريف جا متبادل پيش ڪري ڇڏيا آهن، صحافين سان ڳالهائيندي سپريم ڪورٽ ٻاهران پي ٽي آءِ جي ترجمان نعيم الحق چيو ته نواز ليگ احسن اقبال يا عبدالقادر بلوچ کي وزيراعظم نامزد ڪري، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي هڪ ٻئي اڳواڻ فيصل جاويد چيو ته نواز ليگ اهڙو وزيراعظم تلاش ڪري جنهن جي نالي پويان شريف لڳل نه هجي