اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي وڪيل نعيم بخاري ۽ عدالتي بئنچ وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ به ٿيندي رهي، ٻڌڻي دوران جسٽس شيخ عظمت سعيد نعيم بخاري کي چيو ته توهان هاڻي وڪيٽ تي آيا آهيو، بخاري صاحب! پچ کان ٻاهر نه کيڏندا ڪريو، جنهن تي نعيم بخاري جواب ڏيندي چيو ته جناب! آئون ته اسٽپني وڪيل آهيان، اصل وڪيل ته حامد خان هو، پر ان جي ڪيس کان ڌار ٿيڻ سبب ٻوجهه منهنجي مٿان آيو آهي، ان موقعي تي بئنچ جي سربراهه آصف سعيد کوسا چيو ته بخاري صاحب! توهان جي ريسرچ ڪافي پئي آهي، پر ان جو ڪهڙو فائدو؟ جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته عدالت کي مطمئن ڪريو، پهرين ڏينهن چيوسين ته قوم کي خطاب نه ڪريو، نعيم بخاري چيو ته ايف آءِ اي رپورٽ مون عدالتي معاونت لاءِ پڙهي، جسٽس شيخ عظمت سعيد ميڊيا جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته جن لاءِ رپورٽ پڙهي، اهي وقفي ۾ ٻاهر وڃي ٻڌائي آيا، هڪ موقعي تي نعيم بخاري چيو ته توهان مون سان گڏ کلو ٿا يا مون تي کلو ٿا، جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته ڇا مسڪرائڻ لاءِ اجازت جي ضرورت آهي، توهان چاهيو ته توهان لاءِ آسانيون پيدا ڪريان، نعيم بخاري چيو ته توهان ته اڃا تائين ڪيس ۾ ڏکيائيون ئي پيدا ڪيون آهن، توهان جي ڪجهه ڳالهين ڏک ڏنو آهي، جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته بخاري صاحب! تڪليف معذرت ٿو چاهيان، اصل مقصد حقيقتن تائين پهچڻ آهي