اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف ڪيس ۾ وڌيڪ ڪاغذ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، وڌيڪ 300 صفحن تي ٻڌل دستاويزن سان گڏ سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي آهي ته انهن کي رڪارڊ تي رکيو وڃي، دستاويزن ۾ قاضي فيملي جو نالو، جعلي فارين ڪرنسي اڪائونٽ کولڻ، حديبيا ملز خلاف فوجداري ڪيس داخل ٿيڻ بابت مواد شامل آهي، دستاويزن ۾ آڪٽوبر 1999ع کان ڊسمبر 1999ع تائين شريف ڪٽنب بابت اخباري خبرن جون ڪٽنگز به شامل آهن، 1990ع کان 1999ع تائين معاشي ترقي جي جائزا رپورٽ پرڏيهي قرض، لاهور-اسلام آباد موٽر وي رپورٽ به دستاويزن ۾ شامل ڪئي وئي آهي، لاهور ايئرپورٽ جي اڏاوت بابت رپورٽ ”ميرا گهر اسڪيم“ ۽ ٽيليفونڪ ڪالز جي رڪارڊنگ بابت رڪارڊ به ڏنو ويو آهي، استدعا ڪئي وئي آهي ته دستاويزن کي رڪارڊ جو حصو ڪري ڌنڌلن ڪاغذن کي به قبول ڪيو وڃي