ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان ۾ پارليامينٽ جي ڀرسان ٻن ۽ ٻن مختلف هنڌن تي بم ڌماڪن سبب افغان مرڪزي انٽيليجنس ايجنسي نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪيورٽي جي مقامي سربراهه ۽ پارليامينٽ جي ملازمن سميت 45 کان وڌيڪ مارجي ويا، 80 کان وڌيڪ زخمي، ان حوالي سان پرڏيهي خابرو اداري موجب افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ افغان پارليامينٽ ڀرسان 2 آپگهاتي ڌماڪا ڪرايا ويا، جنهن سبب افغانستان جي مرڪزي انٽيليجنس ايجنسي نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪيورٽي جي مقامي سربراهه ۽ پارليامينٽ جي ملازمن سميت 30 کان وڌيڪ مارجي ويا ۽ 90 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڌماڪا ان وقت ڪيا ويا، جنهن وقت پارليامينٽ جو عملو موڪل کانپوءِ عمارت کان ٻاهر نڪري رهيو هو، مارجي ويلن ۾ اڪثريت عام شهرين جي آهي، اختيارين موجب هڪ ڌماڪو ڪار بم ڌماڪو هو، جڏهن ته ٻيو آپگهاتي بمبار پاران ڪرايو ويو، طالبان جي ترجمان زبيح الله مجاهد ميڊيا کي جاري ڪيل اي ميل ۾ حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته حملي جو نشانو افغان انٽيليجنس ايجنسيون هيون، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار ٻڌايو ته پهريون ڌماڪو پارليامينٽ ٻاهران ٿيو، جيڪو هڪ آپگهاتي بمبار ڪيو، جڏهن ته روڊ ڪناري بيٺل ڪار ۾ ٻيو بم ڌماڪو ڪرايو ويو، ڌماڪي سبب ڪار هوا ۾ اڏامي وئي، ٻئي پاسي قنڌار صوبي ۾ گيسٽ هائوس وٽ 2 بم ڌماڪا ڪرايا ويا، جنهن سبب 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪن ۾ قنڌار جو گورنر معجزاڻي طور بچي ويو، جڏهن ته گڏيل عرب امارتن جو سفير زخمي ٿي پيو، ڌماڪي وقت گيسٽ هائوس ۾ پوليس جا چيف به موجود هئا، جڏهن ته افغانستان جي شهر لشڪر گاهه ۾ افغان ڳجهي اداري جي عمارت ويجهو آپگهاتي ڌماڪي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس سربراهه موجب ڌماڪو ان وقت ڪيو ويو جڏهن امن ڳالهين ۾ شموليت جي خواهشمند شدت پسندن سان ميٽنگ ٿي رهي هئي، ڌماڪي سبب مارجي ويلن ۾ ميٽنگ ۾ شريڪ شدت پسند به شامل آهن، ڪنهن به گروپ اڃا تائين ڌماڪي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي