ڪراچي(رپورٽ: رشيد ميمڻ) وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ گئس پيدا نه ڪندڙ ضلعن جي ٻهراڙين ۽ گئس جي مکيه لائن کان پري وارن علائقن ۾ گئس جي فراهمي نه ڪرڻ واري هڪ تڪراري پاليسي جاري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اها ڳالهه سنڌ اسيمبلي جي رٿابندي واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي ڪالهه ٿيل اجلاس دوران سامهون آئي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي رٿابندي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين غلام قادر چانڊيو جي سربراهي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سوئي گئس جي ايم ڊي خالد رحمان جي نه اچڻ تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ايم ڊي ڪير ٿيندو آهي جو اسيمبلي جي ڪاميٽي کي اهميت نه پيو ڏئي، هن خلاف استحقاق جي ڪارروائي ڪئي ويندي، اجلاس ۾ سنڌ جي 422 ڳوٺن کي گئس جا ڪنيڪشن نه ڏيڻ واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ سوئي گئس جي آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ويو، ڪاميٽي جي ميمبرن اهو چيو ته سنڌ حڪومت سوئي گئس جي اختيارين کي ساڍا 6 ارب رپيا انهن گئس ڪنيڪشنن لاءِ سالن کان اڳواٽ ڏئي ڇڏيا آهن پر هن مهل تائين سنڌ جي انهن ڳوٺن کي گئس جا ڪنيڪشن فراهم نه پيا ڪيا وڃن، سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ سان آخر ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو ڪيو پيو وڃي؟ ان بابت جواب ڏنو وڃي، جنهن تي سوئي گئس جي اختيارين اعتراف ڪيو ته ها واقعي ان معاملي ۾ دير ٿي آهي پر ڪجهه وفاقي سطح جا مسئلا آهن، ان ڪري نون گئس ڪنيڪشنن ۾ مسئلا ٿين ٿا، جن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌ جي ڳوٺن کي جلد گئس جا نوان ڪنيڪشن ڏنا ويندا، اجلاس ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت پاران گئس ڪنيڪشن جي حوالي سان هڪ پاليسي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن تحت جن ضلعن مان گئس پيدا نٿي ٿئي، انهن جي ٻهراڙين ۽ گئس جي مکيه لائين جي پري وارن علائقن ۾ گئس جي فراهمي ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي آهي، جنهن تي ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ٻين ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، صوبائي وزير هزار خان بجاراڻي چيو ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو سنڌ جي منصوبن کي وقت تي مڪمل نٿو ڪيو وڃي، سنڌ مان وڏي مقدار ۾ گئس نڪري ٿي پر پوءِ به اسان جا ماڻهو گئس کان محروم آهن، جيڪا ظلم جي انتها آهي، هن جديد دور ۾ به سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ جا ماڻهو گئس کان محروم هجڻ ڪري پريشاني جو شڪار آهن، ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي تڙپائڻ بند ڪيو وڃي ۽ ڳوٺن کي گئس جا فوري طور تي ڪنيڪشن ڏنا وڃن، هن اهو پڻ چيو ته ڪاميٽي جي ميمبرن کي شڪايت آهي ته ايم ڊي ساڻن نٿو ملي ۽ نه ئي سندن فون ڪال اٽينڊ ڪري ٿو، جيڪڏهن سندس اهو رويو برقرار رهيو ته سندس خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ استحقاق جي رٿ آڻينداسين، صوبائي وزير اهو پڻ چيو ته سوئي سدرن گئس جي اختيارين جي نااهلي ۽ سنڌ سان ناروا سلوڪ جو معاملو سنڌ اسيمبلي سميت پيپلز پارٽي پاران سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو ويندو ۽ جيڪڏهن اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ ايم ڊي سوئي گئس نه آيو ته سندس استعيفا جو مطالبو ڪيو ويندو ڪاميٽي جي چيئرمين غلام قادر چانڊيو چيو ته وفاق آخر سنڌ کي ڇا ٿو محسوس ڪرائڻ چاهي؟، پاڻي، اين ايف سي معاملي تي ناانصافي کانپوءِ هاڻي گئس جي معاملي ۾ به سنڌ سان ٻٽو معيار رکيو پيو وڃي پر هاڻي ان رويي کي برداشت نه ڪيو ويندو، هن چيو ته سنڌ مان پيدا ٿيندڙ گئس ٻين صوبن کي به ڏني وڃي ٿي پر سنڌ جي ماڻهن کي گئس نٿي ڏني وڃي، ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي، ان عمل سان احساس محرومي وڌي ٿي ان ڪري سنڌ سان ناروا سلوڪ ڪرڻ بند ڪيو وڃي، اجلاس ۾ ايجوڪيشن ورڪس جي ترقياتي بجيٽ واري معاملي تي به غور ويچار ڪيو ويو، ان دوران ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين ايجوڪيشن ورڪس جي ترقياتي بجيٽ جو صرف 30 سيڪڙو استعمال ٿي سگهيو آهي، جنهن تي ڪاميٽي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪئي ۽ پڇاڻو ڪيو ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو تعليمي ادارن جي ترقياتي بجيٽ استعمال نٿي ڪئي وڃي، غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين ميمبرن چيو ته هڪ طرف اسڪولن کي عمارتون ناهن ۽ ٻين اسڪولن جون عمارتون وري زبون آهن ۽ ٻار بنا ڇت جي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ته پوءِ آخر انهن جي ترقياتي بجيٽ ڇو نٿي استعمال ڪئي وڃي، تعليم کاتو جواب ڏئي، اجلاس ۾ صوبائي وزير هزار خان بجاراڻي چيو ته اهي شڪايتون اچي رهيون آهن ته ايجوڪيشن ورڪس وارا مرضي تحت چونڊيل اسڪولن جا ڪم ڪرائين ٿا ۽ جن اسڪولن ۾ ڪمن جي ضرورت آهي، اتي نٿو ڪرايو وڃي، صوبائي وزير اهو به چيو ته خبر ناهي تعليم کاتي وارا ايڏي من ماني ڇو ٿا ڪن؟ ڇا توهان تعليم کاتي جو ٻيڙو ٻوڙي پوءِ ان کي ڇڏيندا؟، صوبائي وزير اهو به چيو ته خطرناڪ عمارتن وارن اسڪولن ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ جا مقصد توهان کي سمجهه ۾ اچن ٿا،  ڇا توهان جا ٻار اهڙي خوف واري صورتحال ۾ پڙهي سگهن ٿا؟، لڳي ٿو ته هٿ سان سنڌ جي مستقبل کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ان ڪري قوم تي ڪجهه رحم ڪيو وڃي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ اجلاس ۾ اسڪولز ۽ ڪاليجز وارن سيڪريٽرين کي گهرايو ويندو، جن کان تعليمي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ورتي ويندي ۽ بجيٽ استعمال نه ٿيڻ جا ڪارڻ به معلوم ڪيا ويندا، ٻئي طرف ان بابت ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين غلام قادر چانڊيو تصديق ڪئي ته وفاقي حڪومت گئس جي حوالي سان هڪ تڪراري پاليسي جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته جن ضلعن مان گئس جي پيداوار نٿي ٿئي، انهن جي ٻهراڙين کي گئس فراهم نه ڪئي ويندي ۽ جيڪي علائقا گئس جي مکيه لائين کان پري آهن، انهن کي به گئس نه ڏني ويندي، اهڙي طرح گئس جي نون ڪنيڪشن جي حوالي سان اها تڪراري پاليسي آندي وئي آهي، جنهن تي اسان سخت اعتراض واريا آهن ۽ اهو معاملو وڏي وزير وٽ به رکيو ويندو