لاهور(بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ اوگرا، نيپرا ۽ پيپرا سميت 5 خودمختيار ادارن کي وفاقي وزارتن حوالي ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي اٽارني جنرل کي مدد لاءِ طلب ڪري ورتو آهي ۽ قرار ڏنو ته عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي مشاورت کانسواءِ وزيراعظم خودمختيار ادارن جي حيثيت ڪيئن ختم ڪئي؟ ڪالهه چيف جسٽس سيد منصور علي شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ادارن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، وزيراعظم پنهنجي انتظامي اختيارن تحت حڪم جاري ڪيو