اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سينيٽ ۾ وفاقي حڪومت نيب چيئرمين جا پلي بارگين ۽ رضاڪاراڻي طور ڪرپشن جي رقم واپس ڪرڻ ۾ صوابديدي اختيار ختم ڪرڻ ۽ پلي بارگين توڙي رضاڪاراڻي طور تي رقم واپس ڪندڙ چونڊيل نمائندن ۽ سرڪاري ملازمن کي فوري عهدن تان هٽائي کين تاحيات نااهل تصور ڪرڻ لاءِ نيب قانون ۾ جاري صدارتي آرڊيننس پيش ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو آرڊيننس قانون جي وفاقي وزير زاهد حامد پيش ڪيو ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اعتزاز احسن مخالفت ڪندي چيو ته سينيٽ جو اجلاس طلب ٿي چڪو هو، حڪومت ان بعد نيب قانون ۾ صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو، اهڙي ترميم آرڊيننس ذريعي نه پر قانوني ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪري ٿيڻ گهرجي ها.