اسلام آباد (آن لائن) جماعت اسلامي پاناما ليڪس ڪيس ۾ وزيراعظم کي سپريم ڪورٽ ۾ طلب ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاناما ڪيس ۾ سموريون آڱريون وزيراعظم ۽ ان جي خاندان طرف کڄي رهيون آهن، ان ڪري نواز شريف کي عدالت ۾ طلب ڪيو وڃي.