اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت کان 4 مطالبا تسليم ڪرائڻ لاءِ مارچ لاءِ عوام کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ملڪ گير ريلين جو شيڊول تيار ڪري ورتو، ڪارڪنن جي جدوجھد سان ملڪ کي شھيد بينظير ڀٽو جي تصور مطابق پاڪستان ٺاھڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري ڪالھ زرداري ھائوس اسلام آباد ۾ پنجاب جي سرگوڌا، خوشاب، ميانوالي ۽ بکر ضلعن جي اڳواڻن سان ملاقات سان گڏ مختلف عھدن جي اميدوارن کان انٽرويو پڻ ڪيا آھن.اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ملاقات دوران خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته پارٽي جو نظريو ان جي قائد شھيد ذوالفقار جو نظريو آھي، اسان سڀ گڏجي ملڪ کي شھيد بينظير ڀٽو جو پاڪستان ٺاهينداسين، جتي ڪنھن سان امتيازي سلوڪ نه ٿئي ۽ معاشري جي ھر طبقي کي عزت ۽ وقار جي زندگي ميسر ھجي.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسان انھن عناصرن جي مزاحمت ڪندا رھنداسين جن جي مزاحمت شھيد بينظير ڀٽو ڪئي ھئي. ٻئي طرف پارٽي چيئرمين جي صدارت ۾ منعقد اجلاسن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ سينٽرل پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائره چيو آھي ته پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪيس وزير اعظم ۽ سندس خاندان خلاف آھي، پاناما ليڪس اسڪينڊل اسان جي دور ۾ ھجي ھا ته ڦاھي چاڙھيو وڃي ھا، اسان کي سپريم ڪورٽ مان ان حوالي سان فيصلي جي توقع ناھي. ھن چيو ته اسان جي پارٽي جي تنظيم سازي مڪمل ٿي چڪي آھي، ھاڻي پارٽي ملڪ گير ريلين تي غور ڪري رھي آھي، جنھن جو شيڊيول اڄ ٻڌائينداسين. قمر زمان ڪائره چيو ته جيڪڏھن حڪومت قبلو درست نه ڪيو ته ھلي نه سگھندي، ٻئي طرف  پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگردي کي سختي سان منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي اڄ نصيرالله بابر جهڙي ذهين ۽ بهادر گهرو وزير جي ضرورت آهي.  ڪالهه اڳوڻي گهرو وزير نصيرالله بابر جي ڇهين ورسي جي موقعي تي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري نصيرالله بابر کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مرحوم اڳواڻ جون خدمتون يادگار آهن، هو واحد گهرو وزير هو جيڪو ڪراچي ۾ آپريشن ڪلين اپ جي ڪمانڊنگ دوران شهر جي گهٽين ۾ اڪيلو نڪري پوندو هو