راولپنڊي(بيورو رپورٽ)پاڪ فوج ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪروز ميزائل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته فوجي عدالتن جي بهترين ڪارڪردگي سبب دهشتگردي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، دهشتگردي جي روڪٿام وارو آپريشن جاري رهندو، فوج قومي سلامتي لاءِ رياستي ادارن سان سهڪار جاري رکندي، آءِ ايس پي آر موجب ڪالهه آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي، جنهن ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ ان جي نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، آرمي چيف خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج قومي سلامتي جي سمورن ادارن سان سهڪار جاري رکندي، آرمي چيف هدايت ڪئي ته آپريشن دوران لڏپلاڻ ڪرڻ وارن ماڻهن جي واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون، ڪليئر قرار ڏنل علائقن کي مستحڪم ڪيا وڃن، هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي انت واريون آپريشن جاري رهنديون