ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ اورنگي ٽائون ۾ رينجرز جو قبرستان تي ڇاپو، وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروايون ڪري 5 ملزمن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ رينجرز قبرستان ۾ ڇاپو هڻي قبرستان اندر پوريل وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته قبرستان مان هٿ آيل هٿيارن ۾ 5 سب مشين گنون، 5 مئگزين، ٽي 30 بور پستول، هڪ رپيٽر، 2 سيون ايم ايم رائفلون، 2 بلٽ پروف جيڪٽون ۽ گوليون شامل آهن. رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اورنگي ٽائون جي قبرستان مان هٿ آيل هٿيار ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ونگ جا هئا ۽ اهي شهر ۾ بدامني پکيڙڻ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرڻ لاءِ لڪائي رکيا ويا هئا. ٻئي طرف رينجرز طرفان بن قاسم، ملير ۽ لياقت آباد وارن علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن دوران 5 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا، جن وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. هوڏانهن حساس ادارن پاران لياري جي عيدو لين واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران لياري گينگ وار جي عذير بلوچ گروپ سان تعلق رکندڙ ٻن ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري ۽ ٻين مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا