حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ گهر اندر زال مڙس ٽن ٻارن سميت پراسرار نموني فوت، ڪمري مان لاش هٿ، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال پهچايا، جاچ هلندڙ، رپورٽ موجب ڪينٽ جي علائقي سرفراز ڪالوني ويجهو سفاري ڪمپائونڊ جي هڪ گهر مان پراسرار طور فوت ٿيل زال مڙس ۽ سندن ٽن ٻارن جا لاش هٿ ڪري قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال پهچايو ويو، پوليس قتل جي امڪان کي رد ڪندي شڪ ظاهر ڪيو آهي ته واقعو امڪاني طور اجتماعي آپگهات جو ٿي سگهي ٿو، سفاري ڪمپائونڊ جي گهر ۾ ٿيل ڏکوئيندڙ واقعي جي خبر ان وقت پئي جڏهن گهر جي گرائونڊ فلور تي رهندڙ ڪفايت الله نالي همراهه جي ماءُ گهر جي مٿين ماڙ تي رهندڙ پٽ ڪفايت الله ۽ سندس گهر ڀاتين سان ملڻ لاءِ مٿين ماڙ تي وئي ته هن ڏٺو ته سندس پٽ 35 سالن جو ڪفايت الله شيخ ۽ سندس زال 30 سالن جي شاهين ۽ ٽن ٻارن 9 سالن جو خضر، 5 سالن جي شانزه ۽ ٻن سالن جي معراج جا لاش  ڪمري اندر پيا هئا، جنهن بعد گهر ڀاتين فوري طور واقعي جو اطلاع ڪينٽ پوليس کي ڏنو، جنهن موقعي تي پهچي زال مڙس ۽ معصوم ٻارڙن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال پهچايا، ان سلسلي ۾ اسپتال جي عملي جو چوڻ هو ته ظاهري طور تي فوتين جي جسم تي تشدد جا نشان موجود ناهن ۽ امڪان آهي ته سندن موت ڪا زهريلي شيءِ واپرائڻ سبب ٿيو هجي، ڊاڪٽرن موجب ان سلسلي ۾ موت جي ڪارڻ بابت ڪا به حتمي ڳالهه پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي چئي سگهجي ٿي، ٻئي پاسي پوليس ڪفايت الله جي گهر مان هڪ ديڳڙي تحويل ۾ ورتي آهي، جنهن ۾ لئي وانگر ڪا شيءِ موجود هئي ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ديڳڙي ۾ موجود لئي ۽ لئي ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ نيلو ٿوٿو شامل ٿي سگهي ٿو، جنهن جي واپرائڻ سبب 5 ئي ڄڻن جو موت واقع ٿيو، پوليس موجب ديڳڙي ۾ موجود شيءِ فارنزڪ جاچ لاءِ ليبارٽري موڪلي ڇڏي آهي، جنهن بعد متاثر ڪٽنب پاران اجتماعي آپگهات جو شڪ وڌي ويو آهي