اسلام آباد(رپورٽ: قربان بلوچ) ڪي پي ڪي بعد سنڌ حڪومت به سي اين جي قيمتون ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ کي عوام مفاد خلاف قرار ڏئي ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاھ جو سي اين جي قيمتون ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ بابت اي سي سي فيصلي خلاف وزيراعظم کي خط، نوٽيفڪيشن ڪالعدم ڪري مامرو فوري طور سي سي آءِ ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آھي، ان حوالي سان ڪاوش وٽ موجود خط مطابق سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ 28 ڊسمبر تي سي اين جي شعبي جي ڊي ريگيوليشن جي موضوع تي وزيراعظم نواز شريف کي ھڪ خط موڪليو آھي، جنھن ۾ اي سي سي پاران 13 ڊسمبر تي سي اين جي شعبي جي ڊي ريگيوليشن جي حوالي سان ڪيل فيصلي تي سخت اعتراض واريا آھن، خط ۾ ڄاڻايو آھي ته سنڌ حڪومت گذريل ٻن سالن کان زور ڀري رھي آھي ته اي سي سي آئين جي خلاف ورزي ڪندي گڏيل مفادن واري ڪائونسل(سي سي آءِ )جي اختيارن ۾ مداخلت ڪري رھي آھي، خط ۾ ڄاڻايو ويو ته آئين مطابق معدني تيل توڙي قدرتي گئس جي حوالي سان مامرا سي سي آءِ جي دائري ۾ اچن ٿا، جن بابت پاليسي فيصلا ان فورم تي ڪري سگھجن ٿا،  اي سي سي کي ڪائونسل جي مامرن ۾ مداخلت کان روڪي ان حوالي سان اي سي سي جا ڪيل سمورا فيصلا غور ۽ بحث لاءِ سي سي آءِ ۾ آندا وڃن، وڏي وزير جي خط جي پنجين نقطي ۾ ڄاڻايو ويو ته سي اين جي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ اھم پاليسي فيصلو آھي، جنھن سان سمورن صارفين تي اثر پوندو، جنھن کانسواءِ اھو پڻ اندازو آھي ته مستقبل ۾ سي اين جي قيمتون ايل اين جي بئنچ مارڪ تحت مقرر ٿينديون، جنھن سان موجوده ڪراس سبسڊي واري ميڪنزم پڻ متاثر ٿيندو، جنھن ۾ گھريلو صارفين کي سستي توانائي فراھم ڪرڻ جي ضمانت ڏني وئي آھي