اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ جج جي گهرواريءَ هٿان تشدد جو نشانو بڻيل ٻارڙي طيبه جي ميڊيڪل رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته طيبه جي جسم کي ساڙڻ سان گڏ ٻانهن، ڄنگهن، چيلهه ۽ اکين ڀرسان 11 زخمن جا نشان آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته طيبه جو ذهني توازن درست آهي، پر دٻاءُ جو شڪار آهي، اهڙي رپورٽ ضلعي انتظاميا حوالي ڪئي وئي آهي، جيڪا اڄ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي