اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سرڪاري ۽ خانگي بجلي گهرن رهتن سبب بجلي پيداوار گهٽ ڪري ڇڏي، بجلي جي پيداوار 5500 ميگا واٽ تي اچي وئي، سرڪلر ڊيٽ به675 ارب رپين تائين پهچي ويو، خانگي ٽي وي موجب سرڪاري ۽ غير سرڪاري بجلي گهرن رهتون نه ملڻ سبب پيداوار گهٽائي ڇڏي آهي، حڪومت طرفان سرڪاري ۽ خانگي بجلي گهرن کي اربين رپين جون ادائگيون نه ٿي سگهيون آهن، جنهن سبب ملڪ ۾ ڊگهي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ وڏن شهرن ۾ 4 کان 6 ڪلاڪ تائين غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، بجلي گهرن کي ادائگيون نه ڪيون ويون ته لوڊشيڊنگ جو سلسلو اڃا به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.