نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته پاڪستان سفارتڪاري ذريعي امن ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو، گڏيل قومن کي خطاب ڪندي مليحه لوڌي چيو ته سياسي تڪرارن جو حل ڳولڻو پوندو، گڏيل قومن جي چارٽر ۾ موجود حل جوڳن تڪرارن سان تلخيون وڌي رهيون آهن، دنيا ۾ نوان ۽ پيچيده تڪرار سامهون اچي رهيا آهن، پائدار امن لاءِ مسئلن جو بنيادي حل ضروري آهي، امن جي قيام لاءِ سياسي ۽ معاشي ناانصافين جو خاتمو ڪرڻو پوندو