اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي لاءِ اسپيڪر پاران موڪليل ريفرنسن جي ٻڌڻي دوران حڪومتي وڪيل اڪرم شيخ پيش نه ٿيو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا تحريڪ انصاف پاران اليڪشن ڪميشن خلاف بيان ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن مان ٻاهر وڃي چيو وڃي ٿو ته اسان حڪومت سان ملي ويا آهيون، ڪنهن جي حق ۾ فيصلو اچي ته اليڪشن ڪميشن آزاد آهي، جيڪڏهن فيصلو خلاف ڪريون ته تنقيد ٿئي ٿي، سڀني کي اسان جو جواب آهي ته اسان خلاف بيان ڏيڻ سان اليڪشن ڪميشن ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه ايندي، ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن اسپيڪر پاران موڪليل ريفرنسن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران حڪومتي وڪيل اڪرم شيخ طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري پيش نه ٿيو، اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ ڌرين جي وڪيلن جي عدم موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي ميمبر جسٽس رٽائرڊ الطاف قريشي چيو ته جڏهن ريفرنسن تي ڪارروائي اڳتي وڌائڻ نٿا چاهيو ته پوءِ ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا چيو ته ٻاهر وڃي چيو وڃي ٿو ته اليڪشن ڪميشن حڪومت سان ملي وئي آهي، ڪنهن جي حق ۾ فيصلو ڏيون ته اليڪشن ڪميشن آزاد آهي، جيڪڏهن خلاف فيصلو ڪيون ته اليڪشن ڪميشن تي تنقيد ٿئي ٿي، سڀني کي اسان جو جواب آهي ته اسان خلاف بيان ڏيڻ سان اليڪشن ڪميشن دٻاءُ ۾ نه ايندي، سڀ ئي اهو سمجهن ٿا ته اسان خلاف بيان ڏئي اسان مٿان دٻاءُ وجهندا، سياست چمڪائڻ چاهيو ٿا ته بيان ڏيندا رهو، ڌريون جنهن اداري کان انصاف چاهين ٿيون، ان تي دٻاءُ وجهڻ چاهين ٿيون، هن چيو ته جڏهن کان چيف اليڪشن ڪمشنر ٿيو آهيان تحريڪ انصاف جي اثاثن جو ڪيس عدالت ۾ هجڻ ڪري هتي پينڊنگ ۾ آهي، ڇا ان جو مطلب اسان ڪيس ٻڌڻ نٿا چاهيون، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن ٻنهي نااهلي ريفرنسن جي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي،