ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) اسلام آباد جي چانهه واري ارشد خان بعد ڪراچي جي دڪان تي پراٺا ٺاهيندڙ ڪرڪيٽر حنان خان جي قسمت جاڳي پئي، کيس پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائيز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق به سندس ٽئلينٽ کي ساراهيو، هاڻي کيس پريڪٽس لاءِ پي سي بي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ طلب ڪري ورتو آهي.