هر ماڻهوءَ جو پنهنجو ڀاڳ هوندو آهي. هڪ شخص پنهنجي دوست سان هڪ مسئلو بيان ڪيو.

”مُنهنجو پُٽ ڏاڍو پڙهاڪو آهي. يونيورسٽيءَ جي هاسٽل مان جڏهن به خط لکندو آهي ته الاءِ ڪيترا لفظ اهڙا لکندو آهي، جن جي معنيٰ سمجهڻ لاءِ، مون کي ڊڪشنري ڏسڻي پوندي آهي.“

ٻئي دوست وراڻيو، ”يار تون ڏاڍو خوش نصيب آهين جو رڳو ڊڪشنري ٿو ڏسين. مُنهنجو پُٽ خط لکي ته مون کي بئنڪ اڪائونٽ ڏسڻو پوندو آهي.“