جينِيمرَي، جيڪا ريڊئي تي ’ويمن آور‘ نالي پروگرام ڪندي آهي، ان ڳالهه کي پِٽيندي آهي ته هُوءَ رات جو 10 وڳي ڇو پيدا ٿي هئي. کيس انهي ڳالهه جي پڪ آهي ته ان وقت تي ڄمڻ ساڻ هُوءَ شام سان وڌيڪ تعلق رکي ٿي ۽ صبح جو کانئس ڪم نٿو پُڄي. ”صبح جو ساڍي 5 وڳي جاڳڻ ۽ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ جهڙوڪر ناممڪن آهي.“ حيرت انگيز نموني سان هُوءَ ان ڳالهه جي دعويٰ ڪري ٿي ته هر ماڻهوءَ جي جسم جو گهڙيال سندس ڄم واري وقت سان لاڳاپيل هوندو آهي. ”گهڻو وقت اڳ مون اها ڳالهه ٻُڌي هئي پر هاڻ لڳيم ٿو ته اها ڳالهه سچي آهي.“ 

هوڏانهن ڪليو لينڊ اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي ماهرِ نفسيات پنهنجي تحقيق ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته جڏهن هُنن ڪيترن ئي شاگردن کان ڏينهن جو ۽ پوءِ وري رات جو امتحان ورتو هو. گڏوگڏ شاگردن جي صحت جي رڪارڊ کي به سامهون رکيو ويو هو ۽ سندن عملي ڪارڪردگيءَ جو رڪارڊ به جانچيو ويو هو. ”ڄم جو وقت ان ڳالهه سان خاص تعلق رکي ٿو ته اوهان ڏينهن جا ماڻهو آهيو يا رات جا.“ جرنل آف سوشل سائڪالاجيءَ ۾ سائنسدان لکن ٿا، ”نتيجا ٻُڌائين ٿا ته دماغ ۾ سُجاڳيءَ جي حوالي سان جسماني گهڙيال جي بيهڪ ڄمڻ جي وقت ئي سيٽ ٿئي ٿي.“ ائين لڳي ٿو ته جسم جو گهڙيال ان مهل سيٽ ٿئي ٿو، جڏهن ٻارڙو پهريون ڀيرو دنيا جي روشني ڏسي ٿو. جنهن روشنيءَ جي سامهون ٻار اچي ٿو، ان روشنيءَ جو معيار سندس بقايا حياتيءَ لاءِ جسماني گهڙيال جي سيٽنگ ڪري ٿو.

ان تحقيق ۾ هڪ اهم ڳالهه انهن ماڻهن بابت به آهي جيڪي وقت کان پهرين ڄمن ٿا ۽ اهي عام ماڻهن کان وڌيڪ تڪڙا هجن ٿا. جلدي جاڳن ٿا ۽ پنهنجو ڪم پهرين ڪرڻ چاهين ٿا. مثال طور هيلسنڪي يونيورسٽيءَ ۾ وقت کان اڳ پيدا ٿيندڙ ٻارن بابت ڄاڻ جو ماهر ڊاڪٽر سونجا اسٽرانگ ڪارلسن ٻُڌائي ٿو ته، ”گهڻو ڪري اهڙا ٻارَ، ٻين عام ماڻهن کان 40 کن منٽ پهرين پنهنجو ڪم شروع ڪندا آهن.“