شيڪسپيئر هن دنيا کي هڪ اسٽيج سان تشبيھ ڏيندي، هر ماڻهوءَ کي اداڪار سڏيو آهي، جنهن کي عمر جي هر حصي ۾ مختلف ڪردار ادا ڪرڻا پون ٿا. آئون به جڏهن پنهنجي چؤطرف ڪنهن اهڙي شخصيت جي ڳولا ۾ نظر ڊوڙائيندو آهيان جنهن پنهنجي عمر جي هر حصي جي ڪردار سان انصاف ڪيو هجي، ته هر هر منهنجي سائين محترم پونجراج .ايس. ڪيسراڻي جي سحر انگيز شخصيت منهنجي ذهن تي تري ايندي آهي.

عمرڪوٽ ضلعي جي ننڍڙي پر تاريخي ۽ قديم شهر نيو ڇور سان تعلق رکندڙ منهنجي سائين پونجراج ڪيسراڻيءَ، 2 جون 1953ع ۾ سبو مل سوٽهڙ جي گھر ۾ اک کولي. ننڍپڻ نيو ڇور جي گھٽين ۽ ڀرپاسي جي ڀٽن تي گذاريندڙ سائين ڪيسراڻي ابتدائي تعليم ڳوٺ حويلي ٺڪر ۽ نيو ڇور مان مڪمل ڪري 1969ع ۾ هاءِ اسڪول ڍورونارو مان مئٽرڪ پاس ڪئي. ان بعد استادن جي سکيا جو ڪورس S.V حاصل ڪري تعليم کاتي ۾ 28 مئي 1971ع ۾ بحيثيت پرائمري استاد مقرر ٿيا. کيس علم حاصل ڪرڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هئو ۽ پاڻ استاد جي حيثيت ۾ نه رڳو تعليم ڏيندا رهيا پر اڳتي به تعليم جاري رکندا آيا ۽ جلدي سندن ترقي 1976ع ۾ بطورJST ، 1985ع ۾HST  ۽ 1997ع ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ٿي.

پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي پاڻ ڏاڍا ذهين، اورچ ۽ شريف النفس طبع جا مالڪ رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين پاڻ نه رڳو سندن شاگردن پر ساٿي استادن ۽ عام ماڻهن ۾ عزت ۽ توقير سان نوازيا ويندا رهيا آهن. سندن دل منجھ سمايل علم جي لاٽ معاشري کي منور ڪرڻ لاءِ هر وقت بيتاب رهي آهي. پروقار شخصيت سان جڏهن ڪلاس ۾ داخل ٿيندا هئا ته شاگردن جا چهرا ٻهڪي پوندا هئا ۽ سائين جي رسيلي گفتار جا منتظر نظر ايندا هئا. انگريزي، سنڌي ۽ سماجي اڀياس سندن پسنديده مضمون هوندا هئا. سائين انهن مضمونن تي ايترو ته عبور رکندا آهن، جو ڪلاس ۾ ڪڏهن به ڪتاب کولي پڙهائڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪندا هئا. ڇا ته سائين جو اندازِ بيان ۽ طريقهءِ تدريس هو! هڪ هڪ لفظ، محاورو توڙي جملو اهڙو ته پُراثر طريقي ۽ وڻندڙ انداز سان سمجھائيندا هئا، جو شايد ئي ڪو شاگرد انهي موضوع کي ياد ڪرڻ لاءِ ڪاپي تي لاهڻ جي ضرورت محسوس ڪري!

جيئن ته انگريزي، سائينءَ جو پسنديده مضمون رهيو آهي ۽ انگريزي گرامر تي سندن لکيل ڪتاب“Step 1 To Learn English Grammar” کي نه رڳو شاگردن پر استادن ۽ عام ماڻهن طرفان به تمام گھڻي موٽ ۽ مڃتا سان نوازيو ويو آهي. پاڻ هن وقت به هڪ اصلاحي ڪتاب ’جُڙيا رهو جڳ ۾‘ ۽ پنهنجو سفرنامو ’نيو ڇور کان نيويارڪ تائين‘ لکي رهيا آهن.

هڪ سٺي استاد جي حيثيت ۾ پاڻ هميشه شاگردن جي غيرنصابي سرگرمين جهڙوڪ تقريري مقابلا، مطالعي، بيت بازي توڙي راندين ۾ حصو وٺڻ جي ترغيب ڏيندا رهيا آهن. نياڻين جي تعليم لاءِ به پاڻ ڪامياب ڪوششون ڪندا رهيا آهن. پنهنجي نياڻين کي به اعلى تعليم ڏياري هن پسمانده علائقي جي عام ماڻهن ۾ به نياڻين جي تعليم جو جذبو جاڳايو.

2005ع ۾ سائين پونجراج .ايس. ڪيسراڻي کي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ آفيسر ايڊيوڪيشن مقرر ڪيو ويو. اتي به پاڻ تعليم جي بهتريءَ لاءِ ڪوشان رهيا، پر گھڻو وقت آفيسري سائينءَ کي اسير بڻائي نه سگھي ۽ پاڻ واپس هڪ استاد طور خدمتون ڏيڻ شروع ڪيائون. پاڻ لڳ ڀڳ 42 سال هڪ عظيم ۽ آدرشي استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ 2013ع ۾GHS فقير قادر بخش مڱريو مان ريٽائر ڪيائون، پر کيس هٿ ۾ جھليل شمعِ علم سک سان ويهڻ نه ڏنو ۽ پاڻ ڇور ۾ هڪ نجي اسڪول جي پرنسپال ۽ استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

زندگيءَ جون 64 بهارون ڏسندڙ سائين ڪيسراڻي جي شخصيت ۾ اڄ به ڪا تبديلي نظر نه پئي اچي. اها ئي باوقار شخصيت، پُراثر گفتار، ماٺيڻو مزاج رکندڙ سائين ڪيسراڻي اڄ به تعليمي پکيڙ ۾ مصروف رهن ٿا. ڌڻي در دعا آهي ته پيغمبري پيشي سان وفا ڪندڙ ۽ علم جي چاھ رکندڙ اسان جو سائين پونجراج. ايس. ڪيسراڻي سدائين خوش و خُرم رهي ۽ وڏي ڄمار ماڻي.

تحرير: محمد امين يامين سومرو