سڊني (ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ اداڪار ڪرن سنگهه گروور سوشل ميڊيا تي پنهنجي گهرواري بپاشا باسو سان محبت جو انوکو اظهار ڪيو آهي، ڪرن اڄڪلهه آسٽريليا ۾ گهرواري بپاشا سان گڏ موڪلون ملهائي رهيو آهي، هن انسٽاگرام تي بپاشا جون ڪجهه تصويرون به شيئر ڪيون آهن ۽ پيغام ۾ لکيو آهي ته بپاشا سان شادي ڪرڻ وارو منهنجو خواب پورو ٿيو آهي، مان اهڙي ڇوڪريءَ سان زندگي ۾ ڪڏهن به ناهيان مليو جيڪا ايتري پرجوش ۽ خوبصورت هجي.