ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) ڪي ٽي اين سيريل ”پٿر دنيا“ کان شهرت ماڻيندڙ اداڪار يحيٰ ڀٽو جي وڇوڙي کي 6 سال مڪمل، اڄ ورسي ملهائي ويندي، يحيٰ ڀٽو 20 اپريل 1954ع تي گهوٽڪي ۾ مولوي محمد اسماعيل ڀٽو جي گهر ۾ اک کولي، هن اسٽيج تي اداڪاري  ڪئي ۽ اسٽيج ڊراما به لکيا، آخري ڏهاڙن تائين اسٽيج سان پڻ لاڳاپيل رهيو. هن ريڊيو پاڪستان لاءِ 350 ڊراما لکيا ۽ انهن ۾ ڪم به ڪيو. جڏهن ته اسٽيج تي اداڪاري، هدايتڪاري ۽ رائيٽر طور 100 جي لڳ ڀڳ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، ڪي ٽي اين تي هن پهريون ڊرامو ”واپسي“  2003ع ۾ ڪيو. ان کانپوءِ هن ڪي ٽي اين جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو جن ۾ سهارو، سنگرام، وياج، خطا، سنڌو، هو اڪيلي، وڪوڙيل وجود، واچوڙو، خالي گيلري، بالي، نصيب، آڙاهه، ڌٻڻ ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما شامل آهن، يحيٰ ڀٽو ”پٿر دنيا“ ۾ موسيٰ خان جو ڪردار ڪري گهڻي شهرت ماڻي، يحيٰ ڀٽو 11 جنوري 2011ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.