ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) اردو ٻولي جي ناليواري شاعر ۽ ليکڪ ابن انشا جي وڇوڙي کي 39 سال مڪمل، اڄ ورسي ملهائي ويندي. هن جو اصل نالو شير محمد خان هو، ابن انشا 1927ع ۾ جالنڌر ۾ اک کولي. شروعاتي تعليم هن جالندر مان حاصل ڪئي، ان بعد  لاهور شفٽ ٿي آيو، جتان هن بي اي ۽ پوءِ ڪراچي مان ايم اي ڪيائين. 1947ع ۾ پاڻ آل انڊيا ريڊيو سان لاڳاپجي ويو. جڏهن ته ابن انشا ڪراچي ۾ رهائش دوران سرڪاري ملازمت ڪئي ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهيو، هن جيڪي ڪتاب لکيا انهن ۾ اردو ڪي آخري ڪتاب، خمار گندم، چاند نگر، اس بستي ڪي اڪ ڪوچي ۽ ٻيا شامل آهن. ابن انشا مشهور غزل ”انشا جي اٺو اب ڪوچ ڪرو، اس شهر ۾ جي ڪو لگانا ڪيا“ لکيو هو، 11 جنوري 1978ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.