ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) سنڌي فلمن، ڊرامن ۽ اسٽيج جو ناليوارو اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ عبدالمنان عباسي عرف ماما لالو 51 سالن جو ٿي ويو. اڄ سالگره ملهائيندو، عبدالمنان عباسي 11 جنوري 1966ع تي دادو شهر ۾ اک کولي، فن جي دنيا ۾ هن پهريون اسٽيج ڊرامو ”بنجارا“ ڪيو. جنهن ۾ هن ڇوڪري جو ڪردار ڪيو هو. منان عباسي هڪ ئي وقت اداڪار، هدايتڪار، شاعر، راڳي، ليکڪ پڻ آهي. اداڪاري جي شعبي ۾ اچڻ بعد هن راڳ ڏانهن توجهه ڏيڻ گهٽ ڪري ڇڏي آهي. هن فني سفر جي شروعات اسٽيج ۽ آڊيو ڪيسٽ کان ڪئي، هن جون 350 کان وڌيڪ مزاحيه آڊيو ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ موجود آهن، جڏهن ته سوين اسٽيج ڊرامن جو هدايتڪار ۽ ليکڪ به پاڻ رهيو، سڀني شعبن مان هن جي پسند جو شعبو هدايتڪاري آهي، منان عباسي جن ڪي ٽي اين جي ڊرامن ۾ ڊائريڪشن ڏني آهي، انهن ۾ حوا، پاڻي مٽي جهوپڙا، دادلي، آئينو، واه لالو تنهنجي لئه شامل آهن. جڏهن ته اڄڪلهه سوپ سيريل ”ڪنڊن جي سيج“ جي ڊائريڪشن ڏئي رهيو آهي، ان کانسواءِ هن جن ڪي ٽي اين جي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي انهن ۾ ماما لالو، پٿر دنيا، پنهنجا پروا، غريب آباد جي عذرا ۽ شمي، پٿر جا ماڻهو، اڄ جو وتايو ۽ ٻيا شامل آهن، سڀ کان وڌيڪ شهرت مزاحيه ڊراما سيريز ”ماما لالو“ کان ملي. جڏهن ته هو مڃتا طور ڪي ٽي اين جا 8 ايوارڊ ماڻي چڪو آهي. اداڪار منان عباسي سالگرهه جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته سالگرهه ننڍي پئماني تي گهر ڀاتين سان گڏجي دادو ۾ ملهائيندس.