فلوريڊا (فارين ڊيسڪ)  دنيا جي اڳوڻي ٿلهي ترين عورت ڪترينا رينفورڊ 258 ڪلو وزن گهٽائڻ بعد هاڻي پنهنجي لاءِ گهوٽ جي تلاش شروع ڪري ڇڏي آهي، سندس چوڻ آهي ته کيس محبوب جي ضروت آهي ۽ هوءَ چاهي ٿي ته هاڻي ان سان به ڪو محبوب اچي ملي، ڪترينا جو وزن ڪنهن دور ۾ 453  ڪلو کان وڌيڪ هو ۽ هوءَ  گهمڻ ڦرڻ کان به لاچار هئي ۽ رڳو بيڊ تي ستل ئي هوندي هئي پر پوءِ هن آهستي آهستي وزن گهٽائڻ واري فارمولا تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي سندس وزن 177 ڪلو آهي، جيڪو سڀ ڪجهه سندس جيم ۾ مشقون ڪرڻ سبب ٿيو آهي، ماضيءَ جي ٿلهي ترين عورت جي سمارٽ ٿيڻ ڏانهن هاڻي وک وڌي چڪي آهي، سندس مشقن واري وڊيو سوشل ميڊيا تي مقبول ٿي رهي آهي، جتي سندس وڊيو کي اٽڪل 6 هزار ماڻهو آن لائين تي  ڏسي چڪا آهن، 40 ورهين جي ڪترينا روزانو ٽيڪساس جي جيم ۾ وڃي ٿي، ياد رهي ته 2002ع ۾ ڪترينا ان وقت ميڊيا جي شهه سرخين جو موضوع بڻجي وئي هئي، جڏهن اهي خبرون آيون هيون ته اها دنيا جي ٿلهي ترين عورت آهي، کيس اڌ ٽن جي عورت قرار ڏنو ويو هو.