لاس اينجلس (فارين ڊيسڪ) ميرين انجنيئر پاران جهاز جي ملبي مان ٺاهيل خوبصورت مرسڊيز ڪار سندس وفات جي ٽن سالن بعد 10 لک ڊالرن ۾ وڪرو ڪئي ويندي، گاڏي جو مالڪ سِگ نارجن 2013ع ۾ فوت ٿي ويو هو، هاڻي سندس ڏوهٽي فيصلو ڪيو آهي ته سندس انهيءَ مرسڊيز کي هو وڪرو ڪندو، جيڪا 40 سالن کان بيٺل هئي، انهيءَ مرسڊيز کي سگ نارجن 1954ع ۾ خريد ڪيو هو.امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هن ڪار جي نيلامي لاءِ 10 لک ڊالر جو واڪ هن ئي مهيني ڏنو ويندو.