ماسڪو (فارين ڊيسڪ) هاڻي اوهان 10 هزار پائونڊ ڏئي پنهنجو دماغ مجمند ڪري سگهو ٿا ته جيئن جيڪڏهن اوهان مري وڃو ته اوهان جو دماغ ڪنهن ٻئي انسان ۾ لڳائي سگهجي، ان سلسلي ۾ روسي ڪمپني انساني دماغ منجمند ڪرڻ لاءِ هڪ ليباريٽري قائم ڪري ورتي آهي، انهيءَ ڪمپني آڇ ڪئي آهي ته اوهان مرڻ کان پوءِ پنهنجو سمورو جسم منجمند ڪرائڻ چاهيو ٿا ته 29000 پائونڊ خرچ ٿيندو، جيڪڏهن دماغ رکرائڻ چاهيو ٿا ته رڳو 10 هزار پائونڊ فيس هوندي، هڪ رپورٽ موجب برطانوي پروفيسر ۽ سائنسدان ڪريو روز انهيءَ ڪمپني سان معاهدو ڪري چڪو آهي، انهيءَ ڪمپني هڪ ئي وقت ساڳي ٽئنڪ ۾ انسانن جي دماغ سان گڏ پالتو جانورن جا عضوا به منجمد ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي آهي، ڪسٽيومر جي منجمد ٿيل جسم کي  ماسڪو نيو ويندو، جتان انهيءَ کي ٻهراڙي جي علائقي ۾ قائم انهيءَ ليبارٽري نيو ويندو، رپورٽ موجب برطانوي شهرين انهيءَ روسي ڪمپني کي ان ڪري 29200 پائونڊ ادا ڪري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي چاهين ٿا ته  اهي مرڻ کانپوءِ وري ڪنهن نئين روپ ۾ زندهه ٿي وڃن ۽ سندن عضون کي نئين حياتي ملي وڃي، روس جي لاشن کي منجمند ڪرڻ واري انهيءَ ليبارٽري ۾ لاشن کي ڪيترن ئي سالن تائين خشڪ برف ۾ ڄمائي رکيو ويندو، انهيءَ ليبارٽري اگهن جي جيڪا لسٽ هنئي آهي، ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ننڍي ٻلي کي منجمد ڪرڻ جي فيس 8234 پائونڊ، وڏي ڪتي کي منجمد ڪرڻ جي فيس 20 هزار پائونڊ هوندي، روسي ڪمپني هيل تائين پنهنجي ليبارٽري ۾ 52 کان وڌيڪ انساني جسم ۽ دماغ منجمد ڪيا آهن.