ممبئي (ڪلچرل رپورٽ) انٽرٽينمينٽ جي دنيا ۾ بالي ووڊ هجي يا هالي ووڊ، سال جي ابتدا رنگا رنگ تقريبن سان ٿيندي آهي، هلندڙ مهيني 14 جنوري تي ممبئي ۾ منعقد ٿيندڙ ”جيو فلم فيئر ايوارڊز“ لاءِ 4 پاڪستاني فنڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، بالي ووڊ ۾ نئين سال جي شروعات اسڪرين ايوارڊز سان ٿي، جنهن بعد اسٽار ڊسٽ ايوارڊز جي تقريبن ماڻهن کي موهي وڌو، جڏهن ته هلندڙ هفتي ئي هالي ووڊ ۾ گولڊن گلوب ايوارڊز جي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، هاڻ ڀارت جي مشهور فلم فيئر ايوارڊز جو وارو آهي، جنهن جون نامزدگيون مڪمل ڪيون ويون آهن، جيڪي فلمون نامزد ڪيون ويون آهن، انهن جي لسٽ ۾ سال جي آخر ۾ رليز ٿيندڙ فلم “دنگل“ کي به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد مقابلو وڌيڪ سخت ٿي ويو آهي، فلم فيئر ايوارڊ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني اداڪار فواد خان کي بهترين معاون اداڪار طور نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس مقابلو پنهنجي دور جي مشهور اداڪار رشي ڪپور سان آهي، اهو مقابلو انتهائي سخت تسليم ڪيو پيو وڃي، ڇو ته رشي ڪپور بهترين معاون اداڪار طور اسٽار اسڪرين ايوارڊ ۽ اسٽار ڊسٽ ايوارڊ پڻ ماڻي چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم ۽ راحت فتح علي خان سان گڏ گلوڪاره قرت العين بلوچ کي به بهترين موسيقارن جي لسٽ ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، عاطف اسلم کي فلم ”رستم“ جي گيت ”تيري سنگ يارا“ لاءِ مقابلي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته راحت فتح علي خان کي سلمان خان جي مشهور فلم ”سلطان“ جي گيت ”جگ گهوميا“ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، هوڏانهن گلوڪاره قرت العين بلوچ کي فلم ”پنڪ“ جي گيت ”ڪاري ڪاري“ لاءِ مقابلي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪا ڀارتي ايوارڊ شو ۾ سندس پهرين نامزدگي آهي، پاڪستاني اداڪار فواد خان گذريل سال فلم ”خوبصورت“ لاءِ بهترين ميل ڊيبيو ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، جڏهن ته راحت فتح علي خان کي فلم ”عشقيه“ جي گيت ”دل تو بچه هي جي“ لاءِ 2011ع ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو هو، ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي نامزدگين جي حوالي سان هڪ بحث ڇڙيل آهي، جنهن ۾ ماڻهن اعتراض ڏيکاريو آهي ته اڪشي ڪمار کي بهترين اداڪار جي ايوارڊ لاءِ ڇو نامزد ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن پاران انهن ايوارڊن جي فروخت ٿيڻ بابت پڻ اظهار ڪيو ويو آهي.